چغتائي خان

چغتائي خان: منگول، جن کي تاتاري به چيو وڃي ٿو، انهن مرڪزي ايشيا ۽ وچ ايشيا جي اڪثر علائقن کي فتح ڪيو، خون جا درياهه وهايا، انساني کوپڙين جا مينار اڏايا ۽ وڏي پيماني تي شهرن کي ويران ڪرايو. منگول بادشاهت جو باني چنگيز خان آهي، جنهن 1206ع کان 1227ع تائين حڪومت ڪئي. چنگيز کي چار پٽ هئا، انهن مان هڪ جو نالو چغتائي خان هو. هن کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو. چنگيز جي موت کان پوءِ سندس ٽيون پٽ اوڪتائي خان حڪمران بنيو. چغتائي خان جو هي ڪردار نمايان آهي ته مرڪزي ايشيا کان وچ ايشيا يعني افغانستان ۽ ايران تائين، مختلف مُهمن ۾ حصو ورتائين. والد جي پاران ۽ پڻ ان سان گڏ وڙهيو ۽ انساني قتل غارت ۾ حصيدار رهيو.


لفظ چغتائي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو